ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر

ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر

ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر

ڍڪڻ، علي اڪبر، ڊاڪٽر: مشهور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ولد محمد رمضان ڍڪڻ، 4 فيبروي 1940ع تي ڳوٺ پنهور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نصيرآباد مان 1950ع ۾ مئٽرڪ 1958ع ۾، نصيرآباد لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول مان، بي. اي 1967ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪـاڻي مـان، ايم. اي اقـتـصــاديات (1970ع) ڪيائين. هن 1973ع ۾ اقتصاديات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ان کان سواءِ هن بئنڪنگ ڊپلوما (1982ع)، سينٽرل بئنڪنگ ڪورس سنگاپور (1982ع)، ايل. ايل. بي (1987ع) به ڪئي.
علي اڪبر ڍڪڻ سنڌ جو پهريون شخص آهي، جنهن اقتصاديات جي مضمون ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي.
هن 1959ع ۾ عملي زندگيءَ جي شروعات ۾ روينيو کاتي (تعلقي ميرو خان) جي مختيارڪار آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيڻ سان ڪئي. 1961ع ۾ هاءِ اسڪول بدين ۾ استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد ميهڙ، لعلو رانئڪ، ڏوڪري، ڳڙهي خيري، مبارڪپور، وارهه، پريالوءِ، ڪاراڻي، واسو ڪلهوڙي، ڄام شوري ڪالوني ۽ لطيف آباد هاءِ اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو.
علي اڪبر ڍڪڻ 1973ع ۾ عبدالله هارون ڪاليج کڏي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه وقت بعد اسٽيٽ بئنڪ ۾ ملازم ٿيو، جتي 1975ع ۾ ارڙهين گريڊ، 1983ع ۾ اوڻهين گريڊ، 1989ع ۾ ويهين گريڊ ۽ 1984ع ۾ ايڪيهين گريڊ تائين ترقي ماڻيائين.
ڍڪڻ صاحب 1990ع کان 1992ع تائين مئنيجنگ ڊائريڪٽر سمال بزنس فنانس ڪارپوريشن اسلام آباد ۽ 1994ع کان 1997ع تائين ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جھڙن اعليٰ عهدن تي رهي ڪم ڪيو ۽ 2000ع ۾ ڊپٽي گورنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. حڪومت پاڪستان 1991ع ۾ کيس جپان لاءِ بنيادي تحقيق ايشين پيداوار آرگنائيزيشن لاءِ نيشنل ايڪسپرٽ مقرر ڪيو. هن اداري ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ ’ورڪنگ ڪلچر‘ عنوان سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن ۾ پاڪستان جي باري ۾ هن جا تحقيقي مضمون ڇپيل آهن.
ڊاڪٽر علي اڪبر اقتصاديات تي ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، جن جي پاڪستاني معيشيت جي ماهرن وٽ وڏي اهميت ۽ قدرداني رهي آهي. انهن ڪتابن ۾ (1) سندس پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ’ڪاٽن ٽيڪسٽائيل انڊسٽريءَ جي ترقيءَ جو پاڪستان تي اثر‘، (2) ’اڪانامڪ ويليوئيشن آف ايگريڪلچر پـروجيـڪـٽ‘ (1981ع)، (3) ’ايگريڪلچـر ڪـريڊٽ سسٽم ان پاڪــسـتان‘
(1990ع)، (4) ’ڪـارپـوريـشـــن ايـنـڊ ورڪـ ڪـلچـر ان پاڪستان‘ (1992ع)، (5) ’انٽر ڊپنڊنسي آف اسٽيبلائيزيشن آف پوليٽيڪل سسٽم اينڊ اڪانامڪ ڊيولپمينٽ ان پاڪستان‘ 1994ع وغيره شامل آهن.
ان کان سواءِ هن جا اقتصاديات ۽ زراعت متعلق هزار کان وڌيڪ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. هن اقتصاديات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’سنڌ اڪنامسٽ‘ نالي سان هڪ رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، سياست، اقتصاديات ۽ سماجيات تي مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. هن رسالي جا ڇهه پرچا نڪري سگهيا.
ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ مالياتي ماهر، ڪاموري، اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ هڪ گھڻ رخي سماجي شخصيت آهي. هن ’سنڌ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن‘ قائم ڪئي، جنهن جو 1997ع کان چيئرمئن آهي. هن اداري معرفت سنڌي بيروزگارن کي ٿورن پئسن مان ڪارخانا ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ بنا وياج تي ننڍا قرض ڏيندو رهي ٿو. کيس يونائيٽيڊ يوٿ ڪائونسل پاران 1994ع ۾ گولڊ ميڊل به ملي چڪو آهي. ان کان سواءِ کيس ڪيترا سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل به مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.02.04  عيسوي

مشهور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ولد محمد رمضان ڍڪڻ، 4 فيبروي 1940ع تي ڳوٺ پنهور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بشير احمد شاد ڊاڪٽر
مير نور محمد خان ٽالپراول
جڊيجا اجئه
شجاعت علي بکري
دين محمد شيخ 1
امام اوزاعي سنڌي
ذاڪر حسين ڊاڪٽر
درويش شاهه
سيد قادر بخش شاهه
سبزل خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون